هي وڊيو خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ رڪارڊ ڪئى وئي آهي، جنهن ۾…

· 23:44

هي وڊيو خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ رڪارڊ ڪئى وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ٽاپ 16 يونيورسٽين جي ترتيبوار ۽ چونڊيل فهرست شامل آهي.
هي فهرست خاص طور تي انهن شاگردن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي ڳوٺاڻن علائقن مان آهن ۽ جن لاءِ انهن يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪرڻ نسبتاً آسان هوندو آهي، ۽ گڏوگڏ اهي يونيورسٽيون شاگردن کي مختلف اسڪالرشپ ۽ مالي سهائتا جا موقعا پڻ فراهم ڪن ٿيون.

بدقسمتي سان، آگاهي جي کوٽ سبب ڪيترائي قابل شاگرد پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال ضايع ڪري ڇڏين ٿا، يا اهڙين يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا جيڪي سندن صلاحيتن ۽ مستقبل سان مطابقت نٿيون رکن. هي وڊيو انهن شاگردن لاءِ هڪ رهنمائي بڻجندي، جيئن هو صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪري سگهن.

هي وڊيو سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي سندن زندگيءَ جو سڀ کان اهم فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ کين ڪاميابي ڏانهن ويندڙ نوان رستا ڏيکاريندي.

Watch on Facebook
Book a sessionFrom Rs 1,500 an hour · online
Book