وسيلا · آن لائين حفاظت

شاگردن کي نشانو بڻائيندڙ فراڊ، ۽ رپورٽ ڪرڻ جون جايون

نقلي اسڪالرشپ جون آڇون، "نوڪريون" جيڪي فيس گهرن، توهان جي SIM بابت ڪالون، لنڪ جيڪي اڪائونٽ چورائي وڃن. مون کي هر هفتي انهن بابت پيغام ملن ٿا. هيٺيان اصول منهنجا آهن؛ لنڪ سرڪاري آهن.

  1. ڪا به حقيقي اسڪالرشپ، يونيورسٽي يا آجر درخواست ڏيڻ يا آڇ "جاري" ڪرڻ لاءِ پئسا نه ٿو گهري.
  2. ون ٽائيم ڪوڊ (OTP) ڪڏهن به ڪنهن کي نه ٻڌايو، ڀلي اهي پاڻ کي ڪير به ٻڌائين.
  3. پيغام جي لنڪ تي وڃڻ جي بدران سرڪاري پتو پاڻ ٽائيپ ڪريو.
  4. اي ميل، WhatsApp، Facebook ۽ پنهنجي بئنڪ لاءِ ٻه مرحلي تصديق آن ڪريو.
  5. جڏهن آڇ تڪڙي ۽ ڳجهي هجي، ته اها فراڊ آهي. حقيقي آڇ هڪ ڏينهن جي جاچ سهي وڃي ٿي.
  6. جيڪڏهن پئسا يا اڪائونٽ وڃائجي وڃن، ته ساڳئي ڏينهن هيٺ ڏنل سرڪاري ذريعن سان رپورٽ ڪريو، ۽ اسڪرين شاٽ محفوظ رکو.
سيشن بڪ ڪريو1,500 رپيا في ڪلاڪ کان شروع · آن لائين
بڪ ڪريو